ميرپورخاص: جعلي پير  جي ساٿي سميت نينگرين سان زيادتي، 1 فوت

ميرپورخاص: جعلي پير جي ساٿي سميت نينگرين سان زيادتي، 1 فوت

ميرپورخاص (ن س )ميرپورخاص ۾ 2 معصوم نينگرين سان مبينا زيادتي ۽ هڪ جي فوت ٿيڻ جو ڪيس جعلي پير ۽ سندس ساٿيءَ خلاف داخل ڪيو ويو آهي. فوت ٿيل نينگريءَ جي والد جي فرياد تي داخل ڪيل ڪيس ۾ قتل، اغوا ۽ زيادتي جا قلم (دفعا) شامل ڪيا ويا آهن. ايف آئي آر موجب، جعلي پير ۽ سندس ساٿي ٻنهي نينگرين کي زيادتي جو نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نينگري فوت ٿي وئي ۽ ٻي نينگري ڳڻتي جوگي حالت ۾ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته مک جوابدار جعلي پير کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فرار ٿيل ساٿيءَ جي ڳولا جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو