ميئر جو اسپنسر آءِ اسپتال جو دورو، سان او پي ڊي ۾ معائنو ڪرايو

ميئر جو اسپنسر آءِ اسپتال جو دورو، سان او پي ڊي ۾ معائنو ڪرايو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميئر ڪراچي بئرسٽر مرتضيٰ وهاب ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) جي اسپنسر آءِ اسپتال جو دورو ڪيو ۽ عام شهري وانگر او پي ڊي جو باقاعده طريقو اختيار ڪندي پنهنجو طبي معائنو ڪرايو. ان موقعي تي ميونسپل ڪمشنر ڪي ايم سي ابرار جعفر، سٽي ڪائونسل ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي پارلياماني اڳواڻ ڪرم الله وقاصي ۽ اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي سينيئر ڊائريڪٽر سميرا پڻ موجود هيون.ميئر ڪراچي اسپتال پهچي عام مريضن وانگر پرچي حاصل ڪئي، او پي ڊي ۾ پنهنجي واري جو انتظار ڪيو ۽ ڪنهن به خاص پروٽوڪول کانسواءِ ڊاڪٽر کان پنهنجو چيڪ اپ ڪرايو. ان موقعي تي ميئر ڪراچي بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته شهر ۾ صحت جون معياري سهولتون هر شهري کي بنا فرق ۽ برابري جي بنياد تي فراهم ڪيون وڃن. عوامي ادارن تي شهرين جو اعتماد بحال ڪرڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي ۽ ان مقصد لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ماضي ۾ اسپنسر آءِ اسپتال جي صورتحال مختلف هئي، پر اڄ هي ادارو عوام جي اعتماد جو مرڪز بڻجي رهيو آهي ۽ مان پاڻ به هن ئي اسپتال مان علاج ڪرائي رهيو آهيان، جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سرڪاري ادارن ۾ بهتري آندي پئي وڃي. ميئر ڪراچي چيو ته بلديه عظمٰي ڪراچي جي اسپتالن ۾ طبي سهولتن، دوائن، صفائي سٿرائي ۽ جديد طبي اوزارن جي فراهمي کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو، جيئن شهرين کي بهترين علاج جون سهولتون ملي سگهن. هن چيو ته عوامي اثاثن کي جديد گهرجن مطابق ترقي ڏني پئي وڃي ۽ انهن جي اثرائتي ۽ شفاف استعمال کي يقيني بڻايو پيو وڃي، جيئن هر شهري انهن سهولتن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهي. شهرين جي ٽيڪس سان قائم ادارن کي عوامي خدمت جو حقيقي مرڪز بڻائڻ اسان جي ذميواري آهي ۽ ان مقصد لاءِ سمورا موجود وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن. ميئر ڪراچي چيو ته اسپنسر آءِ اسپتال جهڙا ادارا ڪراچي جي شهرين لاءِ وڏي اهميت رکن ٿا، جتي اکين جي علاج بابت بنيادي ۽ اهم طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. اسان جي ڪوشش آهي ته انهن ادارن جي صلاحيت وڌائي وڃي، جديد گهرجن مطابق سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ مريضن کي بهتر ماحول ۾ معياري علاج جي سهولت ملي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪي ايم سي تحت هلندڙ اسپتالن ۽ طبي مرڪزن جي بهتري لاءِ مسلسل قدم کنيا پيا وڃن. ڊاڪٽرن، طبي عملي ۽ انتظامي آفيسرن جي سهڪار سان صحت جي شعبي ۾ وڌيڪ بهتري آندي ويندي، جيئن ڪراچي جي شهرين کي علاج لاءِ بهترين سهولتون پنهنجي ئي شهر ۾ فراهم ٿي سگهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو