ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تعليم کاتي جي اجلاس جي صدارت ڪندي کاتي کي هدايت ڪئي ته 14 آگسٽ تائين 4453686 درسي ڪتابن جي ورهاست کي يقيني بڻائيندي تعليم جو معيار بهتر ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ کي گهرجي ته اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي انرولمينٽ کي وڌايو وڃي ۽ اسڪول انسپيڪشن سسٽم متعارف ڪرايو وڃي ته جيئن تدريس ۽ سکيا جي عمل کي جانچي سگهجي. اجلاس ۾ وزير تعليم سيد سردار شاهه، صوبائي اسيمبلي جي ميمبر سيما خرم، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، سيڪريٽري تعليم زاهد عباسي، سيڪريٽري ڪاليجز آصف اڪرام، سيڪريٽري فنانس فياض جتوئي، چيئرمين ٽيڪسٽ بڪ بورڊ عليم لاشاري، ايم ڊي ايجوڪيشن فائونڊيشن قاضي ڪبير ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته اسڪول 15 آگسٽ تي ٻيهر کوليا ويندا، اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ اسڪولن جي صحيح ڪم کي يقيني بڻائڻ، درسي ڪتابن جي ورڇ ۽ ڪلاس هلائڻ لاءِ ضروري تياريون ڪري ورتيون آهن. وڏي وزير تعليمي سال لاءِ مڪمل پلان جي ضرورت تي زور ڏنو جنهن ۾ ورڪ پلان ۽ ابتدائي/ فرضي امتحان شامل آهن. وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار شاهه ٻڌايو ته صوبي ۾ 40991 اسڪول آهن جن ۾ 36203 پرائمري اسڪول، 15575 مڊل اسڪول، 1051 ايليمينٽري اسڪول، 1670 سيڪنڊري اسڪول ۽ 492 هائير سيڪنڊري اسڪول آهن. هن اهو پڻ ٻڌايو ته صوبي ۾ 160473 استاد آهن جن مان 107550 مرد ۽ 53051 عورتون آهن. اسڪولن ۾ ڪل انرولمينٽ 5236307 ٻڌائي وئي جن ۾ 3081696 ڇوڪرا ۽ 2154611 نياڻيون شامل آهن. وڏي وزير چيو ته استاد ۽ شاگرد جو تناسب 1:32 آهي ۽ هن معياري تدريس ۽ نصابي سرگرمين ۾ شاگردن جي شموليت جي ضرورت تي زور ڏنو. اڪثر استادن ۾ ڪميونيڪيشن ۽ تدريسي صلاحيتن جي کوٽ بابت هڪ مسئلو رهيو آهي جنهن لاءِ اهو تجويز ڪيو ويو ته استادن کي پنهنجي تدريسي ڪيريئر کي جاري رکڻ لاءِ هر پنجن سالن ۾ ٽيچنگ امتحان پاس ڪرڻو پوندو. وڏي وزير مراد شاهه تعليم کاتي کي هدايت ڪئي ته انسپيڪشن سسٽم متعارف ڪرائي تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. هن آفيسرن کي اسڪولن جو دورو ڪرڻ، تدريس ۽ سکيا جي طريقيڪار جي جانچ ڪرڻ ۽ انسپيڪشن رپورٽ جمع ڪرائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ته جيئن ڪنهن به خامي کي ختم ڪيو وڃي. استادن لاءِ سٺي پگهارن واري پيڪيج ۾ حڪومتي سيڙپڪاري کي اجاڳر ڪندي وڏي وزير استادن جي عزم تي زور ڏنو ته هو تدريس جي معيار تي ڌيان ڏين ۽ شاگردن جي مستقبل کي سنوارين. هن شاگردن جي فائدي لاءِ تدريس جي طريقن کي اپنائڻ ۽ مسلسل تشخيص جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. مفت درسي ڪتاب: هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته هن سال 25-2024 ۾ درسي ڪتابن جا 4453686 سيٽ ڇپرايا ويا آهن. وڏي وزير تعليم کاتي کي هدايت ڪئي ته هو درسي ڪتابن جي ورهاست جو عمل 14 آگسٽ 2024ع تائين مڪمل ڪري ته جيئن شاگردن کي تعليمي سيشن شروع ٿيڻ تائين ڪتابن جا سيٽ ملي سگهن. اسڪولن جي بحالي: وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 19808 اسڪولن جي بحالي جي ضرورت آهي جنهن تي وڏي وزير چيو ته اي ڊي پي ۾ 4206 اسڪولن جي عمارتن جي بحالي جو ڪم ورتو ويو آهي ۽ باقي تباهه ٿيل اسڪولن جي عمارتن جي مرمت لاءِ ٽن سالن جو پلان تيار ڪيو ويو آهي. تعليم واري وزير سيد سردار شاهه وڏي وزير کي ٻڌايو ته 5159 اسڪولن لاءِ عمارتون تعمير ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪي عمارتن کانسواءِ هلي رهيا آهن. مراد علي شاهه چيو ته عمارتن کان محروم اسڪولن جو ڪيس ڏسي رهيا آهيون. اي ڊي پي هن وقت تائين 282 اسڪولن ۾ عمارتن جي تعمير لاءِ فنڊ مختص ڪيا آهن، باقي عمارتون سنڌ جي تعليم کاتي پاران تعمير ڪرايون وينديون. تعليم واري وزير وڏي وزير کي ٻڌايو ته 36203 پرائمري اسڪولن کي اپگريڊ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. اسڪول ايجوڪيشن کاتو هن وقت تائين 1239 پرائمري اسڪولن کي سيڪنڊري ايجوڪيشن اسڪولن ۾ تبديل ڪري چڪو آهي. ان تي وڏي وزير تعليم واري وزير کي هدايت ڪئي ته سمورن پرائمري اسڪولن کي ايليمينٽري سطح تائين اپ گريڊ ڪيو وڃي ته جيئن اسڪول ڇڏڻ وارن جو انگ گهٽجي سگهي. خانگي اسڪولن ۾ مفت تعليم جي فراهمي: وزير تعليم وڏي وزير کي ٻڌايو ته پرائيويٽ اسڪولن ۾ 10 سيڪڙو ٻارن کي مفت تعليم ڏيڻ واري نظام تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ انسپيڪشن ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن. ايڪٽ تي عمل نه ڪندڙ 50 کان وڌيڪ اسڪولن جي رجسٽريشن رد ڪئي وئي آهي يا انهن جي تجديد کي روڪيو ويو آهي. صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته ڊائريڪٽوريٽ سطح تي شڪايتن جي ازالي لاءِ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي ۽ تعليم کاتي خانگي اسڪولن کي سنڌي ۽ اردو ٻولي جا مضمون پڙهائڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڊائريڪٽر جنرل کي به درخواست ڪئي وئي آهي ته مستحق خاندانن جو ڊيٽا فراهم ڪيو وڃي جن جا ٻار خانگي اسڪولن ۾ پڙهن ٿا. سمورن خانگي اسڪولن کي اسڪول مئنيجمينٽ ڪميٽيون قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. وڏي وزير تعليم کاتي کي هدايت ڪئي ته سمورن ميڊيا پليٽ فارمن ۽ سوشل ميڊيا تي مهم هلائڻ ۽ صوبي جي خانگي اسڪولن ۾ مفت تعليمي ڪوٽا جي دستيابي بابت عوامي آگاهي لاءِ اسڪولن کي خط پڻ جاري ڪيا وڃن.










