موٽر وي ٽول پلازه تي چيڪنگ دوران مسافر بس مان 14 ڀولڙا هٿ

موٽر وي ٽول پلازه تي چيڪنگ دوران مسافر بس مان 14 ڀولڙا هٿ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ايم 9 موٽر وي ٽول پلازه تي چيڪنگ دوران هڪ مسافر بس مان 14 ڀولڙا هٿ آيا آهن پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو،عدالت ٻنھي جوابدارن جنيد ۽ بھادر تي هڪ لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائيندي ضمانت منظور ڪري ورتي،عدالت ڀولڙن کي ڪراچي زو انتظاميا حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، پوليس پاران ھٿ ڪيل 14ڀولڙن مان هڪ ڀولڙو وڻ تي چڙھي ويو،وائلڊ لائيف کاتي جي ٽيم پاران ڀولڙي کي وڻ تان هيٺ لاهڻ جون ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن

پهنجو تبصرو موڪليو