موٽر وي ريپ، ملزم جيل حوالي، پوليس لاءِ 50 لک انعام

لاهور (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت موٽروي ريپ ڪيس جي مک جوابدار عابد ملهي کي شناخت پريڊ لاءِ جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پوليس کيس عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت جوابدار عابد کي 14 ڏينهن جي لاءِ جيل موڪلي ڇڏيو، جوابدار عابد سي آءِ اي لاهور کي جاچ دوران ٻڌايو ته هو هڪ مهيني تائين پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ مختلف شهرن ۾ گهمندو رهيو، هن ٻڌايو ته آئون شفقت ۽ بالا مستري 9 سيپٽمبر تي واردات جي ارادي سان ڪورول ڳوٺ مان نڪتاسين، بالا مستري رستي ۾ واپس هليو ويو، جڏهن ته آئون ۽ شفقت ڪورول جهنگ جي طرف وياسين، جتي اسان ٻن ٽن ٽريڪٽر ٽرالي وارن کي ڦريو، عابد ٻڌايو ته موٽر وي تي گاڏي جا انڊيڪيٽرز ٻري رهيا هئا، اُتي پهتاسين ته عورت کي ڏسي گاڏي مان نڪرڻ جو چيو، جڏهن ته عورت جي انڪار تي گاڏي جا ششيشا ٽوڙيا ۽ ان کي زبردستي ٻاهر ڪڍيو، جوابدار اعتراف ڪيو ته عورت کان واچ، زيور ۽ رقم ڦرڻ بعد ان کي موٽر وي کان هيٺ وڃڻ جو چيو ۽ جڏهن انڪار ڪيو ته ٻارن کي هيٺ وٺي وياسين، عورت ٻارن کي بچائڻ لاءِ آئي ته ان کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو. عابد انڪشاف ڪيو ته واقعي جي ڪجهه دير بعد ڊولفن اهلڪارن اچي فائرنگ ڪئي ته اسان فرار ٿي وياسين، مان ننڪانه ۽ جڏهن ته شفقت ديپالپور هليو ويو، ياد رهي ته گذريل ڏينهن موٽر وي زيادتي ڪيس جي مرڪزي جوابدار عابد کي فيصل آباد مان گرفتار ڪيو ويو هو. ٻئي پاسي پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ملزم کي گرفتار ڪندڙ پوليس ٽيم لاءِ 50 لک جي انعام جو اعلان ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو