مون ڪڏهن به ناهي چيو ته راولا ڪوٽ جا ماڻهو ڪشميري ناهن

مون ڪڏهن به ناهي چيو ته راولا ڪوٽ جا ماڻهو ڪشميري ناهن

سيالڪوٽ(ويب ڊيسڪ) دفاع واري وزير خواجه آصف جو چوڻ آهي ته مون ڪڏهن به ناهي چيو ته راولا ڪوٽ جا ماڻهو ڪشميري ناهن، اڄ به والاريل ڪشمير ۾ “پاڪستان زنده آباد” جا نعرا لڳي رهيا آهن. دفاع واري وزير خواجه آصف سيالڪوٽ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته مهاجرن جون سيٽون ختم ٿيڻ نه ڏينداسين، مهاجر ڪشمير جا اصل وارث آهن. هن چيو ته ايڪشن ڪميٽي خون خرابو ڪري رهي آهي، ايڪشن ڪميٽي جا سمورا مطالبا پهريان به مڃيا ويا هئا ۽ کين 24 کان 25 ارب رپيا به ڏنا ويا هئا، ايڪشن ڪميٽي وارا مشڪوڪ آهن ۽ فارن فنڊنگ (پرڏيهي امداد) تي هلي رهيا آهن. خواجه آصف چيو ته مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ٺاهيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو