مون کي ووٽ ڏيڻ نه ڏنو ويو: شان شاهد

مون کي ووٽ ڏيڻ نه ڏنو ويو: شان شاهد

لاهور(ويب ڊيسڪ)لالي ووڊ سپر اسٽار شان شاهد انڪشاف ڪيو آهي ته کيس پنجاب جي ضمني چونڊن ۾ ووٽ نه ڏيڻ ڏنو ويو. شان شاهد سوشل ميڊيا تي 2 تصويرون شيئر ڪيون، پهرين تصوير ۾ هو پنجاب پوليس سان ڳالهائي رهيو آهي جڏهن ته ايندڙ تصوير ۾ هو گاڏي ۾ ويٺو آهي ۽ ڏيکاريو ويو آهي ته اداڪار پنهنجو ووٽ ڪاسٽ نه ڪيو.اداڪار پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته 2 ڪلاڪن تائين پنهنجي ووٽ جي ڳولا باوجود ووٽ ڪاسٽ نه ڪري سگهيو آهيان.هن چيو ته 2 ڪلاڪن جي جدوجھد کان پوءِ آخرڪار اتي پهچي ويس جتي منهنجو ووٽ رجسٽر ٿيو هو.شان شاهد وڌيڪ چيو ته شام 4 لڳي 50 منٽن تي مون کي ووٽ ڏيڻ جي حق کان محروم ڪيو ويو. اداڪار اهو به چيو آهي ته پولنگ جو وقت شام 5 وڳي تائين هو، جيڪا 5 منٽن جي عوامي ووٽ جي اصل قيمت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو