ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور ڳائڻي سجاد علي هندستاني شهريت جي آڇ تي اهڙو جواب ڏنو آهي جنهن مداحن جا دل کٽي ورتا آهن.سجاد علي 90 جي ڏهاڪي کان موسيقي جي دنيا ۾ سرگرم آهي ۽ پنهنجي منفرد آواز ۽ لازوال گيتن لاءِ دنيا ۾ مشهور آهي.رپورٽن موجب، سجاد علي گذريل ڪجهه سالن کان لاس اينجلس، ڪيليفورنيا ۾ رهي ٿو.سندس هڪ ويجهي دوست هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته هن ڪراچي ۾ هڪ ڦرلٽ جي واقعي کان پوءِ پاڪستان ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. ان دوران، دبئي ۾، هڪ هندستاني آفيسر کيس هندستاني شهريت جي آڇ ڪئي، جنهن تي سجاد علي جلدي ۽ صاف لفظ ۾ جواب ڏيندي چيو ته مون پنهنجو ملڪ ڇڏيو آهي، مون ان کي وڪرو نه ڪيو آهي.سجاد علي جي هن بيان هڪ ڀيرو ٻيهر سندس حب الوطني کي اجاگر ڪيو آهي ۽ مداحن ان کي پاڪستان سان سندس گهري تعلق جي واضح مثال قرار ڏنو آهي.










