اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ مون سون جي موسم جي اڳواٽ تيارين، موسمياتي تبديلين ۽ ماحولياتي خطرن سان منهن ڏيڻ جي قدمن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو.اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين جي نقصانڪار اثرن کان متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، ان ڪري موسمياتي خطرن سان اثرائتي انداز ۾ منهن ڏيڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ مڪمل هم آهنگي ۽ جامع سهڪار ناگزير آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ماحولياتي تبديلين وارو وفاقي وزير ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (NDMA) جو چيئرمين هلندڙ هفتي سمورن صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جو هنگامي دورو ڪن ته جيئن مون سون کان اڳ سمورن حفاظتي ۽ انتظامي قدمن جو جائزو وٺي تياريون مڪمل ڪري سگهجن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وفاقي وزير برائي پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ جي نگرانيءَ ۾ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ ٻين لاڳاپيل وفاقي وزارتن تي ٻڌل هڪ ”ايمرجنسي رسپانس ڪميٽي“ قائم ڪئي ويندي، جيڪا صوبائي ادارن سان ملي عملي سهڪار کي يقيني بڻائيندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪميٽي هفتيوار اجلاس منعقد ڪري، ۽ وفاقي وزير خزانه ممڪنه هنگامي صورتحال سان منهن ڏيڻ لاءِ ايمرجنسي فنڊ جي اڳواٽ تيارين کي مڪمل ڪري. هن چيو ته پرڏيهي مالي امداد سان هلندڙ منصوبن کي قومي ۽ مقامي ادارن جي صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ پڻ استعمال ڪيو وڃي. وزيراعظم ٻڌايو ته وفاقي حڪومت هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ قومي آبي تحفظ ۽ سلامتي سان لاڳاپيل منصوبن جي تڪڙي تڪميل لاءِ 330 ارب رپين جي اضافي رقم مختص ڪئي آهي. شهباز شريف هدايت ڪئي ته گذريل تجربن جي روشنيءَ ۾ مون سون دوران ممڪنه ٻوڏ واري صورتحال سان منهن ڏيڻ لاءِ هڪ جامع روڊ مئپ تيار ڪيو وڃي، جڏهن ته صوبائي حڪومتون خطرن کي منهن ڏيندڙ ضلعن ۾ درياهن جي لنگهن ۽ ٻوڏ وارن رستن تان قبضا ختم ڪرڻ ۽ ٻيون رڪاوٽون اڳواٽ ئي دور ڪن. وزيراعظم سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته مون سون دوران پنهنجي مڪمل ادارتي ۽ ٽيڪنيڪل صلاحيتن کي عوام جي سهولت ۽ تحفظ لاءِ ڪم ۾ آندو وڃي. اجلاس کي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سڄي دنيا ۾ هلندڙ سال شديد گرمي جي لهر (هيٽ ويو) ۽ غير معمولي موسمياتي تبديلين جا امڪان آهن. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ به جولاءِ دوران معمول کان وڌيڪ برساتن ۽ ممڪنه ٻوڏ واري صورتحال جو خدشو آهي، جنهن سان منهن ڏيڻ لاءِ تجويز ڪيل حڪمت عملي تحت سمورا ضروري انتظام ڪيا پيا وڃن. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن، چيئرمين اين ڊي ايم اي، چيئرمين واپڊا، سمورن صوبن جي چيف سيڪريٽرين ۽ ٻين لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.










