مون سون برساتن ۾ 104 ماڻهو فوت ۽ 413 گهر تباهه ٿيا

مون سون برساتن ۾ 104 ماڻهو فوت ۽ 413 گهر تباهه ٿيا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)تازين مون سون برساتن دوران 26 جون کان 12 جولاءِ تائين سڄي ملڪ ۾ 49 ٻارن سميت 104 شهري فوت ۽ 200 زخمي ٿيا، جڏهن ته هن وقت تائين 413 گهر تباهه ۽ 111 جانور به مري چڪا آهن. نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (NDMA) مطابق، گذريل 24 ڪلاڪن دوران مون سون جي برساتن وڌيڪ 6 ماڻهن جون حياتيون کسي ورتيون آهن. NDMA تازين مون سون برساتن ۽ ٻوڏ جي ڪري ٿيندڙ تباهي، مالي ۽ جاني نقصان بابت رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 104 ماڻهو فوت ٿيا آهن. فوت ٿيندڙ ماڻهن ۾ 49 ٻار، 37 مرد ۽ 18 عورتون شامل آهن. NDMA جي رپورٽ مطابق، هن وقت تائين مختلف واقعن ۾ 200 ماڻهو زخمي به ٿيا آهن، جن ۾ 78 مرد، 76 ٻار ۽ 46 عورتون شامل آهن. NDMA موجب، گذريل 24 ڪلاڪن دوران مون سون برساتن سبب 6 ماڻهو فوت ٿيا، جڏهن ته مختلف واقعن ۾ 15 ماڻهو زخمي ٿيا. رپورٽ مطابق، 24 ڪلاڪن دوران بلوچستان ۾ 3، پنجاب ۾ 2 ۽ خيبرپختونخوا ۾ هڪ شهري فوت ٿيو، جڏهن ته بلوچستان ۾ فوت ٿيندڙن ۾ ٻه ٻار به شامل آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هن وقت تائين 413 گهر مڪمل طور تباهه ٿيا آهن، ۽ 111 جانور به مري ويا آهن. جن مان اڪثر جانور ٿرپاڪر ۾ آسماني بجلي ڪرڻ سبب مئا آهن. عملدارن جو چوڻ آهي ته سڀ کان وڌيڪ جاني نقصان اوچتي ٻوڏ (فليش فلڊنگ) جي نتيجي ۾ ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو