مونس کي پرڏيهه مان گرفتار ڪرڻ لاءِ ٻيهر قدم کڻڻ جو حڪم

مونس کي پرڏيهه مان گرفتار ڪرڻ لاءِ ٻيهر قدم کڻڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي اسپيشل سينٽرل ڪورٽ ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ مونس الاهي جي ٻيهر گرفتاري لاءِ قدم کڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.خاص سينٽرل ڪورٽ جي جج گذريل ٻڌڻي تي لکت ۾ حڪم جاري ڪندي اڳوڻي وفاقي وزير مونس الاهي جي ٻيهر گرفتاري لاءِ قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو هو.عدالت حڪم ڏنو ته مونس الاهي ۽ محمد جبران کي پرڏيهه مان گرفتار ڪرڻ لاءِ ٻيهر قدم کنيا وڃن ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي گرفتاري جي حوالي سان ڪيل قدمن جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.لکت واري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته جي آءِ ٽي جو سربراهه وڏي عمر سبب عدالت ۾ پيش نه ٿيو، چوڌري پرويز الاهي بريت جي درخواست داخل ڪئي، بريت واري درخواست تي نوٽيس جاري ڪري ڌرين کان دليل طلب ڪيا ويا آهن.خاص مرڪزي عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 20 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو