راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته 27هين ترميم جا خواب ڏسڻ بند ڪريو.راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته مولانا فضل الرحمان 27هين ترميم خلاف آواز اٿاريندو.هن چيو ته جيڪڏهن مولانا 27هين ترميم تي زور ڏئي ته حڪمرانن کي خبر پئجي ويندي.شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته اِها ترميم ن ۽ ش تي ٿيندي، کين ڪجهه به نه ملندو. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته غريبن لاءِ عدالتن ۾ اچڻ آسان ناهي.










