موسميات کاتي پاران ڪراچي ۾ تيز برسات جي اڳڪٿي

موسميات کاتي پاران ڪراچي ۾ تيز برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي سنڌ ۾ خميس ۽ جمعي تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.موسميات کاتي ڪراچي ۾ پهرين مارچ تي برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.موسميات کاتي موجب سڀاڻي کان 2 مارچ تائين ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ تيز برسات، اڪثر علائقن ۾ تيز برفباري ۽ ڪجهه هنڌن تي ٿڌڪار جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب زوردار مغربي هوائن جو سلسلو سڀاڻي کان ملڪ جي اولهه وارن علائقن ۾ داخل ٿيندو، اهو سلسلو جمعي جي ڏينهن ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ جاري رهندو.ٻئي طرف بلوچستان، اسلام آباد، پنجاب، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو