لاهور: (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي اڄ کان 5 جون تائين لاهور سميت پنجاب جي ٻين ضلعن ۾ آنڌي ۽ وقفي وقفي سان برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي موجب، اڄ کان اولهندڙ هوائن جو هڪ سلسلو ملڪ جي مٿانهن علائقن ۾ داخل ٿيندو. موسم جو حال ٻڌائيندڙن موجب، اڄ لاهور ۾ بادل وسندا، شهر جو گهٽ ۾ گهٽ درجه حرارت 28 ۽ وڌ ۾ وڌ 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته شهر جو موجوده درجه حرارت 31 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف، پنجاب جي ڪجهه علائقن ۾ تيز برسات ۽ ڳڙو (اولا) پوڻ جو به امڪان آهي. موسميات کاتي موجب، اڄ بلوچستان ۽ سنڌ ۾ موسم شديد گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته خير پختونخوا ۾ سخت گرمي جي ڪري گليشيئرز واريون ڍنڍون ڦاٽڻ ۽ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي. پي ڊي ايم اي (PDMA) پاران چترال، دير، سوات، ڪوهستان ۽ مانسھرا لاءِ الرٽ پڻ جاري ڪيو ويو آهي.










