اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ 29 آگسٽ کان نئين برساتي سلسلي (مون سون اسپيل) جي اميد آهي ۽ هي سلسلو 2 سيپٽمبر تائين “گهڻي کان تمام گهڻي” برسات وقفي وقفي سان جاري رهندي. موسميات کاتي چيو آهي ته 29 آگسٽ کان عربي سمنڊ ۽ بنگال جي نار مان تيز برساتي هوائون ملڪ جي اترين حصن ۾ داخل ٿينديون، جڏهنته 30 آگسٽ کان اتر ۽ مرڪزي حصن ڏانهن هڪ مغربي لهر به اچڻ جي اميد آهي. انهن حالتن سبب ڪشمير جي نيلم وادي، مظفرآباد، راولاڪوٽ، پونڇ، هٽيان، باغ، حويلي، سڌنوتي، ڪوٽلي، ڀمڀر ۽ ميرپور جي علائقن ۾ 29 آگسٽ کان 2 سيپٽمبر تائين تيز برسات، گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات ۽ ڪڏهنڪڏهن تمام گهڻي برسات پوندي. ديا مير، استور، غذر، اسڪرڊو، هنزه، گلگت، گانڇي ۽ شگر ضلعن ۾ 30 آگسٽ کان 1 سيپٽمبر تائين وقفي وقفي سان مينهن/هوائن ۽ گرج چمڪ سان برسات جي اميد آهي. خيبر پختونخوا ۾ دير، چترال، سوات، ڪوهستان، شانگلا، بٽگرام، مانسهره، ايبٽ آباد، هريپور، بونير، مالاڪنڊ، باجوڙ، مهمند، ڪوهاٽ، پشاور، چارسده، نوشهره، مردان، صوابي، خيبر، اورڪزئي، ڪرم، هنگو، ڪرڪ، بنون، لڪي مروت، وزيرستان، ٽانڪ ۽ ڊيره اسماعيل خان ۾ 29 آگسٽ کان 1 سيپٽمبر تائين تيز هوائن، گرج چمڪ ۽ ڪڏهنڪڏهن تمام گهڻي برسات پوندي. پنجاب، جيڪو اڳ ۾ ئي انتهائي وڏي ٻوڏ جي شدت جو شڪار آهي، تقريباً سڀني ضلعن ۾ “گهڻي کان تمام گهڻي” برسات جو امڪان آهي. اسلام آباد، راولپنڊي، مري، گليات، اٽڪ، چڪوال، جهلم، منڊي بهاءُالدين، گجرات، گوجرانوالا، حافظ آباد، وزيرآباد، لاهور، قصور، شيخوپورا، سيالڪوٽ، نارووال، ميانولي، خوشاب، سرگوڌا، جهنگ، ٽوبه ٽيڪ سنگھ، ننڪانا صاحب، چنيوٽ، فيصل آباد ۽ ساهيوال ۾ 29 آگسٽ کان 2 سيپٽمبر تائين وقفي وقفي سان برسات پوندي. “ڊي جي خان، بکر، لئيه، ملتان، بهاولپور، بهاولنگر، راڄنپور ۽ رحيم يار خان ۾ به 29 آگسٽ (رات) کان 2 سيپٽمبر تائين گرج چمڪ ۽ وقفي وقفي سان تمام گهڻي برسات پوندي،”. سنڌ ۾ مٺي، ٿرپارڪر، سکر، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، دادو ۽ عمرڪوٽ ۾ 30 ۽ 31 آگسٽ تي وقفي وقفي سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. بلوچستان ۾ بارکان، موساخيل، لورالائي، سبي، ژوب، قلعه ۽ خضدار ۾ 30 آگسٽ کان 1 سيپٽمبر تائين برسات ۽ ڪڏهنڪڏهن تمام گهڻي برسات پوندي. موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته ان برساتي سلسلي دوران ڪشمير ۽ پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي پهاڙي علائقن ۾ اوچتي ٻوڏ (فليش فلڊ) اچي سگهي ٿي. ساڳئي وقت لينڊ سلائيڊ ۽ مٽي جون ڇپون ڪري سگهن ٿيون. جيڪي خيبر پختونخوا، گلگت-بلتستان، مري، گليات ۽ ڪشمير ۾ رستن جي بندش جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. موسميات کاتي اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، پشاور، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، فيصل آباد، نوشهره ۽ مردان ۾ 29 آگسٽ (رات) کان 1 سيپٽمبر تائين شهري ٻوڏ (اربان فلڊنگ) جي به وارننگ جاري ڪئي آهي.










