موذي وائرس ڪورونا ۾ فوت ٿيندڙن جو تعداد 25 ٿي ويو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ ڦهلجندڙ پراسرار وائرس ڪورونا ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهن جو تعداد 25 ٿي ويو آهي جڏهن ته ان موذي وائرس جي سبب هن مهل تائين معلوم نه ٿي سگهيا آهن. چين جي صوبي هوبئي جي شهر ووهان کان شروع ٿيندڙ نئين قسم جي وائرس صوبي جي 10 شهرن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي ۽ ان وائرس کان متاثر ماڻهن جو تعداد 900 جي لڳ ڀڳ پهچي ويو آهي. ووهان شهر ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي شهر ۾ ٽرين ۽ ايئرپورٽ بند ڪيا ويا آهن صرف روڊ ٽريفڪ لاءِ کوليا ويا آهن جڏهن ته پبلڪ جڳهن تي ايندڙ ماڻهن کي ماسڪ پائي اچڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي. گادي واري شهر بيجنگ ۾ به چين جي نئي سال جي مناسبت سان اهم ثقافتي پروگرام ملتوي ڪيا ويا آهن. خطرناڪ وائرس سبب پاڪستان ۽ آمريڪا سميت سڄي دنيا جي ماڻهن کي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي ۽ چين کان ويندڙ مسافرن جو ايئرپورٽ تي طبي معائنو به ڪيو پيو وڃي. جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا ۾ به ڪورونا وائرس جي هڪ هڪ مريض جي تصديق ٿي آهي. واضح رهي ته ڪورونا وائرس جا سبب هن مهل تائين معلوم نه ٿي سگهيا آهن پر ان ڳالهه جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته اهو وائرس چمگاڊر جو سوپ پيئڻ ۽ زندهه ڪوئا کائڻ سبب پکڙجيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو