’موجوده هائبرڊ نظام ۾ معيشت ۽ امن امان کي نقصان پهتو آهي‘

’موجوده هائبرڊ نظام ۾ معيشت ۽ امن امان کي نقصان پهتو آهي‘

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر جان مينگل پارٽي وفد سان گڏ جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي پهتو، جتي ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات ٿي.
جي يو آءِ جي ترجمان موجب، ملاقات دوران ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
جي يو آءِ جي اڳواڻ اسلم غوري موجب، بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال تي به تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو ۽ ان تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو.
ترجمان موجب، ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ملڪ ۾ امن امان جي موجوده صورتحال ڪنهن به صورت ۾ ملڪ ۽ قوم جي مستقبل لاءِ اميد افزا ناهي.
غوري موجب، ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ته موجوده هائبرڊ نظام سبب معيشت ۽ امن امان ٻنهي کي سخت نقصان پهتو آهي.
جي يو آءِ جي ترجمان موجب، ملاقات ۾ اسلم غوري، سينيٽر ڪامران مرتضيٰ، مولانا صلاح الدين ايوبي ۽ مولانا عبيدالرحمان پڻ موجود هئا.
ٻئي پاسي بي اين پي اڳواڻ مير عبدالرئوف مينگل هڪ جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته سردار اختر مينگل قومي اسيمبلي جي ميمبر طور مليل سموريون پگهارون ۽ مراعتون سرڪاري خزاني ۾ واپس ڪري ڇڏيون.
هن پگهارن جي واپسي لاءِ 78 لک 92 هزار 725 رپين جو چيڪ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ حوالي ڪري ڇڏيو.
سردار اختر مينگل ان سلسلي ۾ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ڏانهن هڪ خط پڻ موڪليو آهي.
سردار اختر مينگل پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته هو 3 سيپٽمبر 2024ع کان 11 فيبروري 2026ع تائين واري عرصي جون سڀ پگهارون واپس ڪري رهيو آهي.
سردار اختر مينگل موجب، سيپٽمبر 2024ع ۾ استعيفيٰ ڏيڻ کان پوءِ هن پنهنجي بئنڪ اڪائونٽ مان نه ڪا پگهار ڪڍي آهي ۽ نه ئي ڪو الائونس حاصل ڪيو آهي.
هن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي درخواست ڪئي آهي ته سندس پارلياماني بئنڪ اڪائونٽ ۾ موجود سموري رقم سرڪاري خزاني ۾ منتقل ڪئي وڃي.
سردار اختر مينگل چيو ته هو عوامي خدمت ۾ ديانتداري ۽ احتساب جي اصولن تي قائم رهڻ لاءِ پُرعزم آهي.
واضح رهي ته سردار اختر مينگل 3 سيپٽمبر 2024ع تي بلوچستان جي مسئلن بابت پارليامينٽ جي رويي خلاف احتجاج ڪندي اين اي-256 خضدار تان قومي اسيمبلي جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏني هئي.
سندس استعيفيٰ 11 فيبروري 2026ع تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر طرفان باضابطه طور منظور ڪئي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو