ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ موٽ جي سزا جي خلاف ٻن جوابدارن جي اپيلن تي فيصلو ٻڌائيندي جوابدارن جون اپيلون رد ڪري ڇڏيون جڏهن ته عدالت جوابدار انجم ۽ سرفراز جي سزا جو فيصلو برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ٻئي جوابدار پاڻ ۾ ڀائر آهن ماتحت عدالت جوابدارن کي ڦاهي ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي ماتحت عدالت ننڍي عمر جي جوابدار اويس کي بري ڪري ڇڏيو هو پوليس مطابق ڪيس جي فريادي بيان ڏنو هو ته 22 جولاءِ 2019 تي منهنجي ڌيءَ ٻڌايو ته 3 ڄڻا گهر کان ٻاهر پٽ کي ماري رهيا آهن جوابدارن منهنجي 10 ورهين جي پٽ علي اصغر کي شيشي جي ٽڪرن سان مارڪٽ ڪئي جنهن سان هو رتورت ٿي ويو زخمي پٽ کي سول اسپتال کڻي پهتس پر هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي چڪو هو جوابدارن جي خلاف سعيد آباد ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.










