مهمند ۽ آس پاس جي علائقن ۾ 3.9 شدت جو زلزلو

مهمند ۽ آس پاس جي علائقن ۾ 3.9 شدت جو زلزلو

پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي مهمند ۽ ان جي آس پاس جي علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، جنهن کان پوءِ علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو.زلزلي پيمائش مرڪز موجب زلزلي جي شدت 3.9 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته کوٽائي 35 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جو مرڪز پشاور کان 58 ڪلوميٽر اتر اولهه ۾ هو.زلزلو صبح جو 7 وڳي آيو، جنهن سبب مقامي ماڻهن ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو ۽ ماڻهو پنهنجن گهرن مان ٻاهر نڪري آيا.زلزلي سبب اڃا تائين جاني يا مالي نقصان جي ڪا به رپورٽ نه ملي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو