اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عالمي بئنڪ جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي معيشت سخت مسئلن جو شڪار آهي ۽ ملڪ ۾ مهانگائي 1970ع کان پوءِ جي بلند ترين سطح تي آهي.عالمي بئنڪ عالمي معاشي اثرن جي حوالي سان رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته يوڪرين-روس جنگ سميت ڪيترن ئي سببن جي ڪري عالمي معيشت سست رفتاري جو شڪار آهي.پاڪستان جي حوالي سان رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال ۾ ٻوڏ سبب پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح 2 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، ان کان اڳ عالمي بئنڪ پاڪستان جي جي ڊي پي گروٿ 4 سيڪڙو جي اڳڪٿي ڪئي هئي. عالمي بئنڪ موجب پاڪستان ڏکين معاشي حالتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، تازو بدترين ٻوڏون ۽ سياسي غير يقيني صورتحال پاڪستان جي مشڪل معاشي حالتن جا بنيادي سبب آهن، پاڪستان سخت پرڏيهي قرضن جي واپسي جي خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي.ڊسمبر ۾ مهانگائي جي شرح 24.5 سيڪڙو تي 1970ع جي ڏهاڪي کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ آهي، ورلڊ بئنڪ جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي ٻوڏ سان جي ڊي پي جي 4.8 سيڪڙو جي برابر آهي.جون کان ڊسمبر تائين ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قدر ۾ 14 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، سخت موسم خوراڪ ۽ ضروري شين جي فراهمي تي اثرانداز ٿي سگهي ٿي، انفراسٽرڪچر ۽ زرعي پيداوار کي نقصان پهچي سگهي ٿو، جڏهن ته ملڪ ۾ خطري جي پريميئم ۾ 15 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي.










