اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ليڊي هيلٿ ورڪرز، مختلف کاتن جي سرڪاري ملازمن، ۽ ڪلرڪ ايسو سيئيشن پاران وفاقي گادي واري شهر جي ريڊ زون ۾ وقع ڊي چوڪ تي ڌرڻو هڻي مطالبن جي منظوري لاءِ ڀرپور نعريبازي ڪئي. احتجاج کي نظر ۾ رکندي وفاقي گادي واري شهر جي ريڊ زون کي ڪنٽينر لڳائي انتظاميه پاران سيل ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ ڊيلي ويجز استاد، ليڊي هيلٿ ورڪرن ۽ ڪلرڪ ايسوسيئيشن جي احتاج ۾ عورتن جو وڏو انگ شريڪ آهي، پگهارن، انشورنس، الائونسز ۾ واڌ جا مطالبا درج هئا. ليڊي هيلٿ ورڪرز پوليو مهم دوران تحفظ ڏيڻ جو به مطالبو ڪيو. ملازم جو چون آهي ته مهانگائي ۾ حد کان وڌيڪ اضافو ڪيو ويو آهي پگهارن ۾ ٻن سالن کان واڌ ناهي ٿي، ٻچا پالڻ ۽ جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. انتظاميه مظاهرين کي روڪڻ جي لاءِ ميريٽ هوٽل، ڊي چوڪ، نادرا چوڪ، سرينا چوڪ ۾ ڪنٽينر رکي ڇڏيا پر انتظاميه سان ڳالهين بعد کين ڊي چوڪ تائين وڃڻ ڏنو ويو.










