مهانگائي گهٽائڻ لاءِ قدم جاري آهن: گورنر

مهانگائي گهٽائڻ لاءِ قدم جاري آهن: گورنر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو آهي ته مهانگائي گهٽائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي جميل احمد چيو ته ملڪي معيشت کي ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو، پاڪستاني بئنڪنگ قانون جديد گهرجن سان مطابقت رکي ٿو.گورنر اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته اسٽيٽ بئنڪ هڪ آزاد ۽ خودمختيار ادارو آهي، اسان جو ڌيان پائيدار معاشي ترقي تي آهي.هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جو نگران فريم ورڪ مضبوط آهي، اسان جو گهڻو ڌيان ٽيڪنالاجي تي آهي، اسان جو فوڪس آٽوميشن تي به آهي، آٽوميشن وقت بچائي ٿي.هن جو چوڻ آهي ته اسٽيٽ بئنڪ جون 16 هزار کان وڌيڪ برانچون ڪم ڪري رهيون آهن، اسان جون مختلف اسڪيمون مختلف شعبن کي فنانسنگ فراهم ڪري رهيون آهن، جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان ماڻهو گهر ويهي پنهنجو کاتو سنڀالي سگهن ٿا. جميل احمد چيو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ مختلف ڊگهي مدي واريون اسڪيمون متعارف ڪرايون آهن، جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪري وقت جي بچت ۽ صارفين کي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي، ڪسٽمر ڊيٽا کي سينٽرلائز ڪيو پيو وڃي.اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جو اهو به چوڻ هو ته شريعت ڪورٽ جي حڪم تي شرعي فنانسنگ ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي، اسٽيٽ بئنڪ هاءِ ٽيڪ تي ڌيان ڏيندو، سائبر سڪيورٽي تي به اسان جو ڌيان آهي، تاريخي ڏينهن جي حوالي سان 75 رپين جو نوٽ جاري ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو