منهنجي خط کي عمران خان جي توثيق طور نه ڏٺو وڃي: شرمين

منهنجي خط کي عمران خان جي توثيق طور نه ڏٺو وڃي: شرمين

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي ڪانگريس ميمبر بريڊ شرمين چيو آهي ته سماجي ويب سائيٽس تي ماڻهو چئي رهيا آهن ته پرڏيهي وزير بلنڪن کي منهنجو خط عمران خان جي حمايت ۾ آهي، منهنجي خط کي عمران خان جي حمايت ۾ نه ڏٺو وڃي.آمريڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي بريڊ شرمين چيو ته عمران خان فون تي چيو ته هو آمريڪا مخالف ناهي، فون ڪال دوران عمران خان چيو ته هو قانون جي حڪمراني تي يقين رکي ٿو.هن چيو ته سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪرائڻ جو فيصلو ان وقت جاري ڪيو هو جڏهن عمران خان ۽ مون ڳالهايو هو.آمريڪي ڪانگريس ميمبر جو چوڻ هو ته عمران خان آمريڪا تي الزام هنيو ته سندس حڪومت ڪيرائي، مون سندس موقف تي تنقيد ڪئي، مان سمجهان ٿو ته اها حقيقت ناهي.هن چيو ته عمران خان پنهنجي الزام جو ڪو به ثبوت پيش نه ڪيو آهي، اهو به واضح آهي ته ڪانگريس سندس لاءِ هڪ به رقم فراهم ناهي ڪئي.بريڊ شرمين چيو ته عمران خان جي دور ۾ به پاڪستان ۾ انساني حقن ۽ پرڏيهي پاليسي تي تنقيد ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو