نوابشاهه (اي ڪي ڏاهري) ايس ايس پي شهيد بينظير آباد تنوير حسين تنيو پاران کاتي ۾ ڏوهاري ۽ منشيات فروشن رشوت خور پوليس اهلڪارن کان نوابشاهه پوليس کي پاڪ ڪرڻ لاءِ آپريشن شروع ڪري ڏنو آهي. انهي سلسلي ۾ 2 پوليس اهلڪارن کي چرس وڪرو ڪندي گرفتار ڪندي انهن جي قبضي مان 4 ڪلو 2 سو گرام چرس هٿ ڪري اي سيڪشن ۽ بي سيڪشن ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. بي سيڪشن ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪندڙ راشد منهاس جٽ کي ضلعي ڪائونسل پُراڻي ريلوي ڦاٽڪ ڀرسان چرس وڪرو ڪندي گرفتار ڪري ان جي قبضي مان ٻه ڪلو هڪ سو گرام چرس هٿ ڪري ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي. جڏهن ته بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس خان پمپ ڀرسان چور موري وٽان سپاهي محمد آصف آرائين کي گرفتار ڪري ان جي قبضي مان ٻه ڪلو هڪ سو گرام چرس هٿ ڪري ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي آهي سپاهي محمد آصف آرائين ماڊل ڪرمنل ڪورٽ عدالت ۾ ڊيوٽي ڪندو آهي ٻنهي پوليس اهلڪارن کي رمانڊ لاءِ عدالت موڪليو ويو آهي










