منافعي بخش اداري جي نجڪاري برداشت نه ڪنداسين؛ ملازم

گڊو (فرحان قريشي) ٿرمل پاورهائوس گُڊو جي سوين ملازمن ريجنل چيئرمين شمس الدين سولنگي، خادم بوهڙ، شاھ بخش ملڪ، بشير ڪلوڙ، عبدالصمد کوسو، محمد سليم ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪم ڇڏي پاورهائوس طرف ويندڙ مين گيٽ آڏو ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. ڌرڻي سبب پاورهائوس طرف ويندڙ ملازمن جي شفٽ جون گاڏيون بيهجي ويون. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته وفاقي حڪومت گڊو ٿرمل پاورهائوس ۾ پرائيويٽ چيف ايگزيڪيٽو آفيسر، ايڇ آر ۽ چيف فنانس آفيسر مقرر ڪيا آهن جيڪي گڊو ٿرمل پاور هائوس جي هلندڙ يونٽن کي بند ڪري منافعي بخش اداري کي خساري ۾ ڄاڻائي بند ڪري پرائيويٽ ڪرڻ چاهين ٿا. گڊو ٿرمل پاورهائوس منافعي بخش ادارو آهي وفاقي حڪومت گڊو ٿرمل پاورهائوس جي نجڪاري وارو فيصلو واپس وٺي هزارين ملازمن کي بيروزگار ڪرڻ واري منصوبي تان دستبردار ٿئي نه ته ٻي صورت ۾ واپڊا جا هزارين ملازم احتجاجن پنهنجي خاندانن سميت اسلام آباد پارليامنٽ هائوس آڏو سخت احتجاج ڪندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو