ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوارن برسات سبب 54 ماڻهو فوت

ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوارن برسات سبب 54 ماڻهو فوت

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ)ملڪ ڀر ۾ شديد مون سون برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 54 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. اين ڊي ايم اي (نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي) موجب، مون سون جي برساتن سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 227 ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن. اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته 26 جون کان هيل تائين ملڪ ڀر ۾ مون سون جي برساتن سبب 178 ماڻهو فوت ٿيا آهن، جن مان 85 ٻار به شامل آهن، جڏهن ته ان عرصي دوران 491 ماڻهو زخمي ٿيا. ٻئي طرف، چڪوال ۾ هڪ ننڍي ڊيم جي اوور فلو سبب پاڻي جو ريلو وهي نڪتو ، جنهن ۾ گاڏيون به لڙهي ويون. هوڏانهن راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ گذريل رات کان جاري تيز برسات هر طرف پاڻي ئي پاڻي ڪري ڇڏيو آهي. نالا لئي ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ سبب خطري جا الارم وڄايا ويا آهن ۽ ويجهين آبادين کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ جي هدايت ڏني وئي آهي.پنجاب صوبي ۾ قلم 144 تحت ڊيم، دريائن، تلائن، ڍنڍن ۾ وهنجڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي، جڏهن ته گهٽين، رستن، کليل هنڌن يا عوامي ماڳن تي برسات جي گڏ ٿيل پاڻي ۾ وهنجڻ تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن مطابق، ڊيم، دريائن، واهن، تلائن ۽ ڍنڍن ۾ بغير اجازت ٻيڙيون هلائڻ تي به پابندي لاڳو آهي. پنجاب جي داخلا کاتي موجب، اهي پابنديون 30 آگسٽ تائين لاڳو رهنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو