ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 2 عيدون ٿيون، مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جَي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد اعلان ڪندي چيو ته شوال جو چنڊ نظر ناهي آيو، عيد اڱاري تي ملهائي ويندي. خيبرپختونخوا سرڪار وري اڄ عيد ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وڏي وزير جي مشير بريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته، خيبرپختوا مان شوال جو چنڊ نظر اچڻ جون 130 شاهديون مليون آهن، خيبرپختونخوا حڪومت جي سرڪاري اعلان موجب اڄ ڪي پي ۾ عيد ملهائي پئي وڃي، مختلف مسجدن ۽ عيدگاهن ۾ عيدالفطر جي نماز ادا ڪئي وئي، ملڪ جي سالميت ۽ بقا لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون. هوڏانهن بلوچستان جي شهر چمن، پشين، قلعه عبدالله ۽ قلعه سيف الله ۾ به عيد الفطر ملهائي پئي وڃي، ان کان علاوه ژوب، موسيٰ خيل، دُڪي، ڪوهلو ۽ بارکان ۾ به عيد نماز ادا ڪئي وئي. بلوچستان جي اترين ضلعن ۾ مقامي رويت هلال ڪميٽين عيد الفطر ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو، اترين ضلعن ۾ 40 کان وڌيڪ شاهد چنڊ ڏسڻي ڪميٽين آڏو پيش ٿيا هئا. ياد رهي ته گذريل رات چنڊ ڏسڻي مرڪزي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا خبير آزاد ملڪ ۾ ڪٿي به چنڊ نظر اچڻ سبب عيد اڱاري تي ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پر پشاور جي مفتي صلاح الدين پوپلزئي 130 شاهديون ملڻ جي دعويٰ بعد سومر تي عيد ملهائڻ جو اعلان ڪري پاڪستان م 2 عيدون ڪرڻ جي روايت برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو هو.










