ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ113 ماڻهو فوت

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وگهي 113 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن بعد فوتين جو انگ 19 کان وڌي ويو، سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 38هزار883 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 3هزار084 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي، جڏهن ته وائرس سبب وڌيڪ 113 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا، ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 7.93 رهي، ملڪ ۾ هيل تائين ڪورونا سبب فوتين جو انگ 19هزار106 ٿي ويو، جڏهن ته ڪلڪ ڪيسز جو تعداد 8 لک 64هزار557 ٿي ويو آهي ۽ فعال ڪيسز جو تعداد 78هزار959 ٿي ويو ۽ هن وقت تائين ڪورونا سان 7 لک 66هزار492 ماڻهو صحتياب ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو