ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 58 فوت مثبت ڪيسن جي شرح 7.1

ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 58 فوت مثبت ڪيسن جي شرح 7.1

اسلام آباد( رپورٽ الله وسايو گهوٽو)ملڪ ۾ ڪورونا-مثبت ڪيس جي شرح  7.1 تي پهچي وئي گذريل 24 ڪلاڪن ۾5 2  سئوکان وڌيڪ ماڻهن ۾  وائرس جي تصديق ڪئي وئي  ۽ 58 فوت ٿي ويا.ڪورونا جي شماريات ويب سائيٽ  جي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ 35هزار303 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا  جن مان 2هزار511 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي .سرڪاري رپورٽ موجب  گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت واقعن جي شرح 7.1 رهي ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو تعداد 13هزار595 ٿي ويو آهي ۽ ڪيسن جو ڪل تعداد 6لک99هزار964 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو تعداد 23هزار355 آهي.ان کان علاوه گذريل   24 ڪلاڪن ۾ 1هزار136 مريض ڪورونا کان صحتياب ٿياآهن ، صحتياب ٿيندڙن ڪرڻ جو ڪل تعداد 5لک73هزار014ٿي ويو آهي .سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 2لک61هزار582 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته هينئر تائين 4هزار461 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک88هزار225 آهي ۽ 5هزار812 ماڻهو وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 19هزار233  آهي ۽ فوتين جو تعداد 202 ٿي ويو آهي.خيبرپختونخواهه ۾ ڪيسن جو ڪل تعداد  76هزار 379  آهي ۽ 2هزار169 ماڻهو ڪورونا سبب فوت ٿي چڪا آهن.جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ ڪيسن جو ڪل تعداد 11 هزار089 آهي  ۽ 322 مريض فوت ٿي چڪا آهن.گلگت بلتستان ۾ ڪورونا مريضن جو تعداد هينئر تائين 4هزار 961 آهي  ۽ 103 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.اسلام آباد  ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 48هزار495 آهي ۽ هن وقت تائين 526 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو