ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 39مريض فوت

ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 39مريض فوت

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملڪ  ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 1هزار 780 نوان ڪيس رپورٽ ٿياآهن ۽  39 مريض فوت ٿي وياآهن.نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 38 هزار 997 ڄڻن جا ڪورونا ٽيست ڪيا ويا هنيئر تائين 92 لک 12 هزار 480 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ هڪ هزار 780 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. جنهن کان پوءِ هاڻ ملڪ ۾ هن وبا جي هاڪاري مريضن جو گڏيل انگ 5 لک 90 هزار 508 ٿي ويو آهي.پنجاب ۾ هڪ لک 77 هزار 8، سنڌ 2 لک 59 هزار 666، خيبرپختونخواهه 73 هزار 708، بلوچستان 19 هزار 114، آزاد ڪشمير 10 هزار 534، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 959 جڏهن ته اسلام آباد ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 45 هزار 519 ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جو شڪار وڌيڪ 39 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ هن وبا سبب فوت ٿي ويلن جو گڏيل انگ 13 هزار 205 تائين پهچي ويو آهي.هن وائرس  سڀني کان وڌيڪ جاني نقصان پنجاب ۾ ڪيو آهي جتي 5 هزار 552 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن ان کان علاوه سنڌ ۾ 4 هزار 424، خيبرپختونخواهه 2 هزار 109، اسلام آباد ۾ 508، گلگت بلتستان ۾ 102، بلوچستان ۾ 201 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 309 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. ڪورونا جو شڪار وڌيڪ هڪ هزار 38 ڄڻا هن وائرس کي شڪست ڏئي چڪا آهن.اهڙي طرح 5 لک 58 هزار 210 ڄڻا ڪورونا مان صحتياب ٿي چڪا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال ڪيسن جو انگ 10 هزار 55 آهي. جنهن مان هڪ هزار 595 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو