ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا

ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا

اسلام آباد(بيورو)ملڪ ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڪورونا جي شرح 3 سيڪڙو تي برقرار آهي، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران عالمي وبا سبب وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي تشخيص لاءِ 23 هزار 423 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 693 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ موجب 24 ڪلاڪن دوران مثبت ڪيسن جي شرح 2.96 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته عالمي وبا ۾ مبتلا 180 ماڻهن جي حالت نازڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو