ملڪ ۾ ڪورونا جي خطرناڪ صورتحال شرح 9 سيڪڙو کان وڌيڪ

ملڪ ۾ ڪورونا جي خطرناڪ صورتحال شرح 9 سيڪڙو کان وڌيڪ

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)ڪورونا  ۾ ڪورونا خطرناڪ حد کان به وڌي وئي ڪيسن جي شرح 9 سيڪڙو کان به وڌي وئي.وبا سبب وڌيڪ  42 ماڻهو ن فوت ٿي ويا آهن ۽ 3هزار876 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.ڪورونا جي شماريات ويب سائيٽ اين سي او سي  جي مطابق  گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ 40هزار946 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا وياجن مان 3هزار876 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي جڏهن ته 42 ڪورونا جي ،ريض فوت ٿي ويا سرڪاري رپورٽ مطابق  ملڪ ۾ ڪورونا کان فوتين جو تعداد 13هزار799ٿي  ويو آهي ۽ ڪيسن جو ڪل تعداد 6لک23هزار135 تائين پهچي چڪو آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو تعداد 27هزار188 آهي.اين سي او سي جي مطابق  24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا مثبت ڪيسن جي شرح 9.4 سيڪڙو رهي.ان کان علاوه سڄي ملڪ ۾ 1هزار446 مريض 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا کان صحتياب ٿي چڪا آهن  صحتياب ٿيندڙن  جو ڪل تعداد 5لک79هزار760 ٿي ويو آهي.سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 2لک6هزار2796 تي پهچي ويو آهي جڏهن ته 4هزار478 ماڻهو هن وقت تائين فوت ٿي چڪا آهن.پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک95هزار087 آهي ۽ 5هزار944 ماڻهو وائرس سبب مري ويا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 19هزار306 آهي ۽ فوتينجو  تعداد 203 آهي. خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 78هزار653آهي  ۽ 2هزار202 مريض فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 11هزار483 ماڻهو وائرس کان متاثر ٿيا آهن ۽ 330 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.گلگت بلتستان ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد هينئر تائين 4هزار967  آهي ۽ 103 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن.اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 50هزار843 آهي ۽ هن وقت تائين 539 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو