ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قلت واري خبر تي اوگرا جو بيان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي کوٽ بابت خبرن تي وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي.اوگرا جي ترجمان عمران غزنوي جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جو وڏو ذخيرو موجود آهي، اوگرا ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي کوٽ جي خبرن جي سختي سان ترديد ڪري ٿي.اوگرا ترجمان جو اهو به چوڻ آهي ته وڌيڪ 80 هزار ميٽرڪ ٽن پيٽرول جا جهاز لنگر انداز ٿي رهيا آهن، ٻيا 90 هزار ميٽرڪ ٽن ڊيزل جا جهاز به لنگر انداز ٿي رهيا آهن.عمران غزنوي موجب مقامي ريفائنريز به پيٽروليم شين جي طلب پوري ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو