ملڪ ۾ ٻئي ڏينهن به ڪورونا سبب ڪا به فوتگي رپورٽ نه ٿي

ملڪ ۾ ٻئي ڏينهن به ڪورونا سبب ڪا به فوتگي رپورٽ نه ٿي

اسلام آباد(بيورو)سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي مثبت ڪيسن جي شرح ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 2.91 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته گذريل ٻن ڏينهن کان ملڪ ۾ ڪورونا سبب ڪو به فوتگي ناهي ٿيو.اين آءِ ايڇ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 22 هزار 126 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 644 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي.انگن اکرن موجب ڪورونا وائرس ۾ مبتلا 170 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جڏهن ته 24 ڪلاڪن دوران ڪو به فوتگي جو اطلاع ناهي مليو.

پهنجو تبصرو موڪليو