ملڪ ۾ هيٽ ويوو مارچ ۾ ئي اچڻ جا امڪان

ملڪ ۾ هيٽ ويوو مارچ ۾ ئي اچڻ جا امڪان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)موسميات کاتي مارچ، اپريل ۽ مئي جي موسم جي اڳڪٿي جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب هن مهيني ۾ ئي ملڪ ۾ گرمي جي لهر اچڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب مارچ، اپريل ۽ مئي ۾ گرمي جي لهر وڌڻ جا امڪان آهن، ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ ڏينهن ۽ رات جو گرمي پد معمول کان مٿي رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ برساتن جو امڪان آهي، جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي اترين علائقن ۾ معمول کان گهٽ برسات پوڻ جو امڪان آهي، گلگت بلتستان جي اڪثر علائقن ۾ به معمول کان گهٽ برسات پوڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو