ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ گرمي جي لهر مئي جي آخر تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ سخت گرمي جي لهر هلندڙ مهيني جي آخر تائين جاري رهي سگهي ٿي.جڏهن ته اسلام آباد، مٿانهين خيبرپختونخواهه، مٿانهين پنجاب، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ اڄ شام يا رات تائين هلڪي برسات جو امڪان آهي.ڪالهه سڀ کان وڌيڪ گرمي پد بينظير آباد ۽ جيڪب آباد ۾ 51 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته موئن جي دڙي ۽ ڊيرا غازي خان ۾ گرمي پد 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو. ڪراچي ۾ ڪالهه سال جو گرم ترين ڏينهن رهيو ۽ گرمي پد 42 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.










