ملڪ ۾ بحران ۽ عوام اندر بيچيني وڌي پئي: لياقت بلوچ

ملڪ ۾ بحران ۽ عوام اندر بيچيني وڌي پئي: لياقت بلوچ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نائب امير جماعت اسلامي ۽ اڳوڻي پارلياماني ليڊر لياقت بلوچ چيو آهي ته حڪومتي نااهلي ۽ مفاد پرست پاليسين جي نتيجي ۾ هر روز ملڪ ۾ نوان بحران ۽ بيچيني وڌي رهي آهي، جماعت اسلامي اتحادي سياست کي الوداع ڪندي ايندڙ چونڊن ۾ پنهنجي جهنڊي ۽ منشور تحت چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪي اليڪٽرڪ جي ظالماڻي ٽيڪسز خلاف ريفرنڊم سيمت ڪراچي جي مسئلن تي جماعت اسلامي جي جدوجهد قابل فخر آهي جنهن جا نه رڳو ڪراچي جي مڪاني چونڊن بلڪه سڄي ملڪ جي سياست تي مثبت اثرات پوندا، سنڌ ۾ چونڊن جي تياري ۽ اُميدوارن جي لسٽ کي حتمي شڪل ڏئي بلاڪ ڪوڊ جي سطح تي عوامي رابطه مُهم کي تيز ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قباء آڊيٽوريم ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي سياسي مامرن جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس کي صدارتي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سنڌ جي سياسي، انتخابي ۽ تنظيمي صورتحال سميت الخدمت جي رليف سرگرمين جو جائزو ورتو ويو. صوبائي امير محمد حسين محنتي صوبي جڏهن ته حافظ نعيم الرحمن ڪراچي ۾ “ حق ڏيو ڪراچي کي” تحريڪ ۽ ايندڙ مڪاني چونڊن جي تياري سميت ٻين سياسي ۽ تنظيمي صورتحال جو جائزو پيش ڪيو. اجلاس کي مرڪزي نائب امير ڊاڪٽر فريد احمد پراچا ۽ مولانا اسدالله ڀٽو پڻ خطاب ڪيو. لياقت بلوچ وڌيڪ چيو ته سنڌ سميت ملڪ ۾ برساتن وڏي تباهي مچائي آهي، لکين ماڻهو بي گهر ۽ بي سهارا حڪومتي امداد کان محروم آهن، ملڪ ۽ سڄي دنيا مان امدادي سامان جون خبرون اچي رهيون آهن، پر خبر ناهي اهو سامان متاثرين تائين ڇو نٿو پهچي سگهي، حڪمرانن کي ان جو حساب ڏيڻو پوندو. جماعت اسلامي سنڌ پاران امداد ۾ دير ۽ ڪرپشن خلاف احتجاج جو فيصلو بروقت قدم هو. هن صوبائي قيادت کي هدايت ڪئي ته هوءَ سيلاب متاثرين جي امداد ۽ بحالي لاءِ ڀرپور ڪوشش ۽ متاثر عوام کي پنهنجو حق ڏيارڻ لاءِ تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪن.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو