پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي اڳوڻي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر سيف چيو آهي ته ملڪ کي هن وقت حڪومت ۽ اپوزيشن ٻنهي جي جڳهه تي هڪ متبادل قيادت جي ضرورت آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ بئريسٽر سيف چيو ته اپوزيشن پنهنجو ڀرپور ۽ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي، ان ڪري ملڪ ۾ سياسي ڄم (Deadlock) کي ختم ڪرڻ لاءِ قومي ڳالهه ٻولهه (ڊائلاگ) انتهائي ضروري آهي.هن چيو ته اڄ ڪراچي ۾ “نئشنل ڊائلاگ ڪميٽي” جي انتظامن هيٺ هڪ تقريب ٿيندي، جنهن ۾ عوامي مفادن جي خاطر ذاتي ۽ سياسي اختلافن کي وسارڻو پوندو. بئريسٽر سيف وڌيڪ چيو ته قومي مئسلن جو حل صرف ڳالهين ۽ سياسي هم آهنگي ۾ ئي لڪل آهي.










