ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جميل احمد چيو آهي ته ملڪ جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۾ آءِ ٽي اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، آءِ ٽي شعبي مان ادائيگين جي توازن ۾ بهتري آئي آهي. ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ٽي سال اڳ معيشت کي وڏن چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن ۾ مهانگائي ۽ پرڏيهي قرض وڏا مسئلا هئا.هن وڌيڪ چيو ته اپريل ۾ افراط زر 0.3 سيڪڙو هو، جيڪو ڏهاڪن ۾ گهٽ ۾ گهٽ آهي، ۽ اسان سڀئي ادائيگيون ڪيون آهن. جميل احمد چيو ته قرض ۾ 2 ارب ڊالر گهٽتائي آئي آهي، پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 3 ارب ڊالر واڌ ٿي آهي، مزدورن جي موڪليل رقم ۾ 8 ارب ڊالر واڌ ٿي آهي، ۽ اسٽيئرنگ ڪميٽي جا 450 اجلاس ٿيا آهن. هن چيو ته روايتي بينڪن کي اسلامي بينڪنگ ڏانهن منتقلي جو منصوبو ڏنو ويو آهي، افرادي قوت کي تربيت ڏني پئي وڃي، ۽ اسلامي بينڪنگ لاءِ قانوني ڍانچو فراهم ڪيو ويو آهي.










