ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي، گرم موسم ۾ ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ لوڊشيڊنگ جو ٽائيم 10 ڪلاڪن کان وڌي ويو آهي.ڪراچي جي علائقن گارڊن، لياري، نارٿ ڪراچي، نيو ڪراچي، ملير، ڪورنگي ۽ اورنگي ٽائون ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ جاري آهي، بجلي کان ڇوٽ وارا علائقا به بجلي جي بندش سبب متاثر آهن.لاهور ۽ ليسڪو ريجن ۾ بجلي جي طلب 2800 ميگاواٽ آهي جڏهن ته نيشنل گرڊ کان 2700 ميگاواٽ فراهم ڪئي پئي وڃي، اهڙي طرح ليسڪو ۾ شارٽ فال 100 ميگاواٽ تائين رهجي ويو.پيسڪو اختيارين جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ بجلي جي طلب ۽ رسد ۾ 600 ميگاواٽ جو فرق آهي، موسم ۾ بهتري ۽ ڇنڇر جي اختتام سبب اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۾ معمولي گهٽتائي ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو