اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آزاد ڪشمير سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ شديد برساتن ۽ برفباري جو سلسلو جاري آهي جنهن سان سرديءَ ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي جڏهن ته مختلف حادثن ۾ هن مهل تائين 82 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. آزاد ڪشمير جي وادي نيلم ۾ برفاني ڇِپ ڪرڻ سان 49 ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا آهن. جڏهن ته شديد برفباري دوران مارجي ويلن جو تعداد 51 ٿي ويو آهي. آزاد ڪشمير ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جي وزير احمد رضا موجب تازو برفباري ۽ برفاني ڇِپ ڪرڻ سان فوت ٿيندڙن جي تعداد ۾ اضافي جو خدشو آهي. هن ٻڌايو ته فوت ٿيندڙن ماڻهن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. جڏهن ته ڪيتريون گاڏيون به تباهه ٿي ويون آهن. ٻئي طرف پي ڊي ايم اي انتظاميه ٻڌايو آهي ته بلوچستان ۾ برفباري دوران مختلف واقعن ۾ 17 ماڻهو فوت ٿيا آهن جنهن ۾ 11 عورتون ۽ 6 ٻارڙا شامل آهن جڏهن ته 13 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. زوب ۾ جڳهه جي ڇت ڪرڻ جي ٻن مختلف واقعن ۾ 8 ماڻهو فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا جنهن ۾ 4 عورتون ۽ 4 ٻار شامل آهن. قلعه عبدالله ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سان 5 عورتون فوت ۽ 2 زخمي ٿيا، پشين ۾ 2 مختلف واقعن ۾ هڪ عورت ۽ 2 ٻار فوت ٿي ويا ان کان علاوهه ڪوئيٽا ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سان هڪ عورت فوت ۽ 4 ٻار زخمي ٿي پيا. پي ڊي ايم اي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته تربت، چاغي، نوشڪي ۾ بارشن گهرن کي وڏو نقصان پهچايو آهي. جڏهن ته نيلم وادي ۾ 49 ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا آهن پر هن وقت به ڪيترائي ماڻهو ملبي هيٺيان دٻيل آهن. ٻئي طرف گلگت بلتستان ۾ ڪيترائي فوٽ برف ڄمي چڪي آهي جنهن ڪري مٿانهن علائقن جا روڊ رستا بند ٿي ويا آهن ديامير ۽ استور ۾ شديد برفباري سبب سنو ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. چترال ۾ اڍائي فوٽ برف پوڻ کان پوءِ لواري ٽنل ٿي وئي آهي، مالاڪنڊ ڊويزن سميت قبائلي ضلعن باجوڙ، خيبر، مهمند، اورڪزئي ۽ وزيرستان ۾ به برفباري جاري آهي. مانسهره جي وادين ڪاغان، ناران، شوگران به ٿڌين هوائن ۽ وقفي وقفي سان برفباري جو سلسلو جاري آهي. ڪوهستان ويجهو لينڊ سلائيڊنگ سان شاهراه قراقرم بند ٿي چڪي آهي جنهن سبب مسافر گاڏين ۾ ڦاسي پيا آهن. ملڪه ڪوهسار مري ۾ مسلسل برفباري سان زندگي جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي. ان کان علاوهه سنڌ ۾ تازين برساتن کان پوءِ ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو آهي جڏهن ته ڪيترن ئي جڳهن جون ڇتون ڪرڻ ۽ مختلف حادثن ۾ پڻ ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.










