اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بچاءُ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته عمران خان پاڪستان جي صدر جي ذريعي جنرل باجوا کي واڌ جي آڇ ڪئي عمران خان بي اعتمادي رٿ کان پوءِ غيرقانوني قدم کنيا پي ٽي آئي جو ناڪاري رويو سڀني جي سامهون آهي عمران خان هڪ نااميد ماڻهو آهي جيڪو تشدد جي ڪارروائين تي يقين رکي ٿو دنيا ۾ ڪٿي به جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان انڪار نٿو ڪري لنڊن مان اچي نوازشريف پنهنجي ڌيءَ سان گرفتاري ڏني 3 ڀيرا حڪومت مان ڪڍيو ويو ڪڏهن نوازشريف آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي نه ڪئي عمران خان آمريڪا تي حڪومت ڪرائڻ جو الزام مڙهيو ۽ هاڻي ان کان مدد گهري رهيو آهي عمران خان حڪومت کي نه اسٽيبلشمينت کي ڳالهين جي آڇ ڪئي آهي پاڪستان ۾ عام چونڊون آڪٽوبر ۾ٿينديون ايندڙ ڏينهن هفتن ۽ مهينن ۾ معاشي صورتحال ۽ سڀ شيون ٺيڪ ٿي وينديون جمعي تي مريم اورنگزيب سان گڏ پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته اسان جي حڪومت هڪ سال پورو ڪرڻ واري آهي ۽ هي حڪومت هڪ آئيني قدمن ذريعي آئي هئي جڏهن ته انهن قدمن کي روڪڻ لاءِ عمران خان جي ان وقت جي حڪومت مختلف غير آئيني طريقا اختيار ڪيا ويا خواجه آصف چيو ته عمران خان جي انهن غير آئيني ڪمن ۾ صدر ۽ قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر هو رات دير سان اسيمبلي جي تحليل جو فيصلو سپريم ڪورٽ ختم ڪري شيون ٺيڪ ڪيون ۽ اڄ اسان جي حڪومت آهي هن چيو ته گذريل هڪ سال اندر ڪيترائي واقعا ٿيا عمران خان جو سياسي سفر سائفر کان شروع ٿيو ۽ شيرين مزاري آمريڪا کي خط لکي ڇڏيو اهي ته پاڪستان ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن ۽ ٻين کوڙ مسئلن تي به بحث ڪيو آهي هن چيو ته هڪ ملڪ جنهن کي پاڪستان يا عمران خان جي حڪومت جي خلاف سازش جو الزام ڏنو ويو هاڻي اهو ئي ماڻهو مدد ۽ حفاظت لاءِ ٻاهرين سازش ڪندڙن سان رابطا ڪري رهيا آهن بچاءُ واري وزير چيو ته هي عمران خان جو حڪومت مان نڪرڻ ۽ آمريڪا کي پيغام تائين جو سفر اهي دنيا ۾ ڪٿي به هڪ جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان انڪار نٿو ڪري پر ٽيليويزن جي اسڪرينز تي چند هفتن کان ڏسي رهيا آهيون ته عمران خان عدالتن ۾ پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي ۽ کوڙ سبب ان جي صفائي ۾ بيان ڪري رهيو آهي هن چيو ته جڏهن عدالت ۾ حاضري لڳي ٿي ته هو ڪار ۾ ويٺل هوندو آهي ۽ عدالتن تي هجوم ۽ حامين جي ذريعي حملا ڪري ٿو جڏهن پيش ٿئي ٿو ته عدالتن تي دٻاءُ وجهي ٿو ۽ انهن کي ڌمڪيون ڏي ٿو ۽ جڏهن پوليس کي گرفتاري لاءِ سندس گهر اماڻيو ويو ته ان تي به حملو ڪيو ويو ۽ ان تي فائرنگ ڪئي وئي هن چيو ته گرفتاري لاءِ سندس گهر ٻاهران جهيڙِ ۾ 70 کان 80 پوليس آفيسر زخمي ٿيا جن ۾ سينيئر پوليس آفيسر به شامل هئا. عمران خان جي حوالي سان هن چيو ته هن عسڪري قيادت کي ڳالهين جون کوڙ آڇون ڪيون ان حقيقت جي باوجود ته موجوده حڪومت ڪيترن ئي موقعن تي ڳالهه ڪرڻ جي خواهشمند هئي پر عمران خان اسرار ڪندو رهيو ۽ پاڪ فوج جي موجوده قيادت سان ڳالهائڻ جون ڪوششون ڪندو رهيو هن چيو ته پي ٽي آئي چيئرمين صدر جي ذريعي اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي هي ايتري قدر جو کيس واڌ جي آڇ به ڪري ڇڏي هئي خواجه آصف چيو ته سمورين دعوائن جي باوجود عمران خان موجوده حڪومت سان ڳالهين جي باقاعدي ڪائي آڇ نه ڪئي هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ امن لاءِ ڳالهين لاءِ تيار آهي ڇو ته اهم معاملن تي اتفاق راءِ ضروري آهي جهڙوڪ پاڪستان چند سالن کان مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي.










