ملير ۾ اليڪشن جي صورتحال جو جائزو ۽ عبداحڪيم بلوچ

ملير ۾ اليڪشن جي صورتحال جو جائزو ۽ عبداحڪيم بلوچ

خاصخيلي لطيف راولاڻي
سنڌ ۾ تازو برسات جي تباھين ۽ حڪومتي مشينري جي نااھلي ڪري پ پ جو سڄي سنڌ ۾ سياسي گراف ھيٺ ڪري پيو ۔۽ ملڪ جي ڏاھن ۽ تجزيه نگارن به سڄو ڏوه ۽ ٻوڏ جي تباھي جو ذميوار پ پ حڪومت ۽ ان جي اعلى عملدارن کي ئي قرار ڏنو ته انھن جي ڪوتاھي ۽ نااھلي جي ڪري ئي سنڌ ٻڏي آھي ۽ لکين ماڻھو دربدر ٿيا آھن ۔۽ غريب ۽ بي پھچ ماڻھن جو جاني توڙي مالي نقصان به ٿيو آھي ۔اتي عام ماڻھن ۽ سوشل ميڊيا تي پ پ جي خلاف نه کٽندڙ باه ٻري پئي ھئي ۔ان ٻرندڙ صورتحال ۾ اليڪشن ڪرائڻ ۽ پ پ جي ملير جي تڪ 137 جو ڪاميابي ماڻڻ پ پ جي لاء ايندڙ وقت ۾ وڏو چيلنج آھي جو عام ماڻھن ۾ نفرت ھئڻ جي باوجود به پ پ ڪاميابي ماڻي آھي جڏھن ته ملير جون سياسي ۽ سماجي تنظيمون به پ پ تي ڏمريل ھيون ۔اصل مامرو ڇا آھي پ پ ملير جي تڪ ڪاميابي ڪئين ماڻي ملير ۾ ته گھڻائي مسئلا ھئا جيڪي پ پ حڪومت جي وزيرن ۽ ڪامورن جي ھٿ ھيٺ تٿي رھيا آھن جن ۾ سڀ کان وڏو مسئلو بحريه ٽاون جو ٻيو افغاني پناھگيرن جي آبادڪاري جو مسئلو ۔ملير ندي تي ملير ايڪسپريس وي ٺاھي مقامي آبادي کي اٿارڻ ۽ بيدخل ڪرڻ جو منصوبو اھڙا ٻيا به ڪيترائي سنڌ دشمن منصوبا آھن جن ۾ سنڌ حڪومت سڌي طرح ملوث رھيندو آھي ۔ملير ۾ گذريل ڏھن سالن ۾ ڪي به ترقياتي ڪم نه ٿيا آھن ھتي بنيادي سھولت کان عوام بالڪل وانجھيل آھي ۔اڪثر ڏٺو ويو آھي ته سياست ۾ شخصيت جو وڏو ڪردار ھوندو آھي ۔سنڌ ۾ تمام گھڻا اھڙا ضلعا ۽ تعلقا آھن جتي اتي جا مقامي اڳواڻ پنھنجي شخصيت اخلاق ۽ سٺي ڪردار جي ڪري سوڀ ماڻين ٿا ۔انھن ۾ خاص طور تي ڪراچي جو ملير وارا علائقا ۽ ضلع ٺٽو جتي شخصيت ۽ ڪردار جي ڪري اميدوار ڪاميابي ماڻي ٿو ۔ھتي 237 تڪ جي به صورتحال ساڳي ھئي ھتي پ پ جو اميدوار عبدالحڪيم بلوچ به پنھنجي ذاتي اثر رسوخ سٺي ڪردار ۽ اخلاق جي ڪري ئي ڪاميابي حاصل ڪئي آھي ۔ملير جي اھا واحد شخصيت آھي جيڪا ملير جي ماروئڙن ۽ ملير جي عوام سان گڏ بيٺي ھوندي آھي ملير ۾ ڪھڙي به ڳوٺ ۾ شادي موت جو سڏ ٿيندو ھو ته سڀ ڪم ڪار ڇڏي اتي ضرور پھچندو ۔ڪو شخص بيمار آھي ته ان جي عيادت لاء به فوري طور تي پھچندو آھي پوء ڀلي ان ڪارڪن جو ڪھڙي پارٽي سان تعلق ھجي ۔ڪجھ سال اڳ ۾ جڏھن عبدالحڪيم بلوچ پ پ کان ناراض ٿي ن ليگ جي ٽڪيٽ تي بيٺو ھو ان وقت به ملير ۾ پ پ جو وڏو ووٽ بئنڪ ھو پر اھو پنھنجي شخصيت ۽ ڪردار جي ڪري پ پ اميدوار کي شڪست ڏيئي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ اھو ثابت ڪري ڏيکاريو ته عوام پارٽي کي نه پر ڪم کي اھميت ڏيندي آھي ۔جيڪو عوام ۾ ھوندو ان ڏکن سکن ۾ انھن وڏ گڏ ھوندو۔ته عوام به ان سان گڏ ھوندو آھي ۔حڪيم بلوچ ون پاڙون عوام ۾ کتل آھن ان ڪري ئي عوام پ پ کان ناراض ھوندي به پ پ جي اميدوار کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو ان ۾ شخصيٿ جو وڏو عمل دخل رھيو نه ته خرچ ڪرڻ ۽ اليڪشن جي ورڪ ۾ پي ٽي آء وارن وسان ڪونه گھٽايو اليڪشن جي ڏينھن جائزو وٺڻ دوران سموري تڪ ۾ ھزارن جي تعداد ۾ ورڪر ۽ عورتن جو وڏو انگ ميدان تي لٿل ھو ۔۽ ڪراچي جي وڏن سرمائيدارن پنھنجو ذاتي سرمايو لڳائي اليڪشن کٽڻ لاء وڏا زور ھنيا ته ڪراچي جون سڀ سيٽون آساني سان کٽي وينداسين ۔ھنن سرمائيدارن پئسي کي پاڻي وانگر استعمال ڪيو ۔ايستائين جو عمران خان فوج ۽ پوليس جي رٽائرڊ آفيسرن جون به خدمتون حاصل ڪيون ھيون ۔جئين فورس جي ماڻھن جي ذريعي عام ماڻھن کي پريس ڪيو وڃي اھڙا ڪافي جٿا ھتي ملير جي کوکراپار واري علائقي ۾ نظر آيا جيڪي مظم نموني سان اليڪشن ۽ پولنگ اسٽيشن جي نگراني ڪري رھيا ھئا۔پر اھا شخصيت ھئي جيڪا ملير جي تڪ تان سوڀاري ٿي اسيمبلي تائين پھتي آھي ملير جي عوام کي عبدالحڪيم بلوچ مان اھي ئي پراڻيون اميدون وابسته آھن

پهنجو تبصرو موڪليو