ملير  ۾ ماءُ ۽ ڌيءَ جو  ڦاهو لڳل لاش هٿ

ملير ۾ ماءُ ۽ ڌيءَ جو ڦاهو لڳل لاش هٿ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ملير کوکراپار ۾ هڪ گهر مان ماءُ ۽ سندس 8 سالن جي ڌيءَ جا ڦاهو لڳل لاش مليا آهن. ريسڪيو اختيارين موجب فوت ٿي ويلن جي سڃاڻپ 30 سالن جي صبا زوجه حنيف ۽ 8 سالن جي نبيهه ڌيءَ حنيف جي نالن سان ٿي آهي. ريسڪيو ذريعن موجب اطلاع ملڻ تي امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون ۽ ٻنهي لاشن کي قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڏني آهي جڏهن ته واقعي جا ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ مختلف رخن کان تفتيش جاري آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن ۽ جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ وڌيڪ تفصيل سامهون آندا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو