ملير (ن س )ملير سٽي جي علائقي غازي بروهي ڳوٺ ۾ ملير ماڊل سيڪنڊري اسڪول جي عمارت تي مبينا قبضي خلاف سوين شاگردن ۽ شاگردياڻين جو احتجاج. شاگردن روڊ تي اسيمبلي ڪري اتي ئي پڙهائي شروع ڪري ڇڏي. شاگردن ۽ شاگردياڻين جو چوڻ آهي ته اسڪول جي عمارت تي قبضي سبب سندن تعليم متاثر ٿي رهي آهي ۽ مستقبل داءَ تي لڳي ويو آهي. هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اسڪول جي عمارت تان قبضو ختم ڪرائي کين تعليم لاءِ محفوظ ماحول فراهم ڪيو وڃي.










