حڪومت ۽ ملازمن ۾ ڳالھيون ڪامياب،6 آڪٽوبر وارو احتجاج ملتوي

حڪومت ۽ ملازمن ۾ ڳالھيون ڪامياب،6 آڪٽوبر وارو احتجاج ملتوي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت ۽ سنڌ امپلائيز الائنس اڳواڻن ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد 6 آڪٽوبر تي رٿيل ڌرڻو ملتوي ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب، سنڌ امپلائيز الائنس اڳواڻن جون چيف سيڪريٽري سنڌ سان مطالبن جي مڃتا بابت ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف سيڪريٽري جي وڏي وزير سان ڳالهه ٻولهه بعد، پينشن ڪٽوتي وارو معاملو ايندڙ سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ شامل ڪري ان کي حل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ياد رھي تھ ان کان اڳ سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي احتجاجي تحريڪ وارن اڳواڻن سان سيڪريٽرين تي مشتمل ڪميٽي جون ڳالهيون پھريون دور مڪمل ٿي ويو، سنڌ ايمپلائيز الائينس جي وفد سان ٽن سيڪريٽرين ڳالهيون ڪيون، حاجي اشرف خاصخيلي چيو ته پھرين مرحلي ۾ ٿيل ڳالهيون خوشگوار ماحول ۾ بھتر ٿيون اڍائي وڳي ٻيھر چيف سيڪريٽري سان ڳالهيون ٿينديون،ملازم اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڳالهين ۾ اسانجي سمورن مطالبن سان سيڪريٽري متفق ٿيا ۽ ھاڻي چيف سيڪريٽري سان حتمي ڳالهيون ٿينديون، جيڪڏهن سرڪار ڳالهين کانپوء نوٽيفيڪشن جاري ڪندي ته احتجاج ختم ڪنداسين نه ته 6 آڪٽوبر وارو ڌرڻو جيئن جو تيئن برقرار رھندو

پهنجو تبصرو موڪليو