لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي حڪومت جي ملازمن جي پگهارن ۾ 20 کان 25 سيڪڙو واڌ جي خلاف درخواست داخل ڪئي وئي آهي.درخواست بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عابد عزيز شيخ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو. عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.لکت ۾ جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري وڪيل کي درخواست جي ڪاپي فراهم ڪئي وئي آهي. سرڪاري وڪيل ايندڙ ٻڌڻي تي هدايتون وٺي پيش ٿين.وفاقي حڪومت ۽ هٿياربند فوج جي ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ جي خلاف داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت ٻئي ڪارپوريشن ۽ سيمي آٽونومس باڊيز جي ملازمن کي نظر انداز ڪيو ويو. عدالت وفاقي حڪومت جي پگهارن ۾ واڌ جي نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏئي.










