مقامي ماڻهن چيتو ماري ڇڏيو، مادي ٻچي سميت فرار

مقامي ماڻهن چيتو ماري ڇڏيو، مادي ٻچي سميت فرار

روهڙي(رپورٽ امان الله سومرو)صالح پٽ جي پهاڙي علائقي مان آبادي واري علائقي ڳوٺ ابيجاڻو ۾ آيل چيتي کي مقامي ماڻهن ماري ڇڏيو. مقامي ماڻهن موجب ٻن ٻچن سميت پهتل مادي نسل جي چيتي کي علائقي جي ماڻهن پيڇو ڪيو ۽ هڪ ٻچي کي قتل ڪيو جڏهن ته مادي چيتو هڪ ٻچي سميت فرار ٿي ويا. ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ڪجھ ڏينھن پهريان چيتي حملو ڪري 12 ٻڪريون ماري ڇڏيون هيون ۽ هڪ مينهن کي زخمي ڪيو هو ۽ ڪافي ڏينهن کان علائقي جي ماڻهن کي انهن جي ڳولها هئي.ياد رهي ته هن علائقي ۾ پهريون ڀيرو چيتو ڏٺو ويوآهي. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته چيتو ڀارتي سرحد کان پاڪستان م آيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو