مفتاح اسماعيل ملڪي معيشت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو آهي: فرخ حبيب

مفتاح اسماعيل ملڪي معيشت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو آهي: فرخ حبيب

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ فرخ حبيب چيو آهي ته مفتاح اسماعيل پاڪستان جي معيشت جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي.ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جي بيان تي ردعمل ۾ فرخ حبيب چيو ته هو عمران خان کي ڏسندو آهي جڏهن سمهندو آهي ۽ جاڳندو آهي. هنن کي پيٽرول ۽ بجلي سستي ڪرڻي هئي، سندن سڀ دعوا ڪوڙا ثابت ٿيا.تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جو چوڻ آهي ته هو نااهل آهن ۽ ڪوڙ ڳالهائين ٿا ته آءِ ايم ايف سان ڊيل ٿي چڪي آهي، ڊيل لاءِ ڪنهن ٻئي کي سڏائڻو پوندو.فرخ حبيب چيو ته هو عوام جي جان بچائي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺن.

پهنجو تبصرو موڪليو