گهوٽڪي (ن س )گهوٽڪي ۾ اغوا جي بازيابي لاءِ ويندڙ پوليس موبائل اونڌي ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ اغواڪار جو پٽ مارجي ويو ۽ 4 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا.پوليس موجب موبائيل اوٽ ٿيڻ جو واقعو موٽر وي محمد پنه ترنڊا وٽ پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ اغوا ٿيل پٽ فوت ٿي ويو.واقعي خلاف وارثن احتجاج ڪندي جوابدارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ۽ الزام هنيو ته پوليس اهلڪارن پٽ جي کيسي مان هڪ لک رپيا به ڦر ڪري ورتا آهن.پوليس جو چوڻ آهي ته شهري سهراب کٽياڻ کي 8 ڏينهن اڳ اغوا ڪيو ويو هو، اغوا ڪندڙن 25 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو هو.ايس ايس پي موجب واقعي جي جاچ تائين ايس ايڇ او ۽ هيڊ ڪانسٽيبل کي معطل ڪيو ويو آهي.










